“پيارا نصرالله گڏاڻي”
اُميد اَٿم تہ جٿي ھوندي خوش ھوندين، ڪَنھن ڏاھي چيو آھي ھر اُھو فرد جيڪو آزادي، انسانيت ۽ آدرشن تي واٽ جو عاشق آھي سو ھِن سماج ۾ مِس فِٽ آھي، ڏاھن، انسان دوستن، حق جي پروانن ھميشہ پنھنجون ڄڀون ڪَٽرايون آھن، فتوائون برداشت ڪيون آھن، ڏُک ڏٺا آھن، قيد خانن کي پنھنجو جيون ساٿي بڻايو آھي۔
پيارا ڪامريڊ،
اسان مِس فٽ فردن جو رومانس سچ جي سولھي تي رقص ڪرڻ آھي، جڏھن تمام روحن کي خَلق ڪيو ويو ھو تڏھن وقت بہ اسان خدا کي مڃڻ سان گڏوگڏ پنھنجي ماروئڙن سان گڏ بيھڻ جو وَچن ورجايو ھيوسين، اسان جي رحمت، اسان جي نعمت اسان جا ماروئڙا آھن، اسان جا اُھي ماڻھو جيڪي پنھنجي ڌرتي تي حق حاڪميت کان محروم آھن، جيڪي دشمن قوتن جي پنجوڙ ۾ ڦٿڪي رَھيا آھن جيڪي پنھنجن مسيحن کي پُڪاري رھيا آھن۔
ڪامريڊ گڏاڻي،
ظالمن جي سينن ۾ دلين جي بجائي ڪُرسيون ڌڙڪي رَھيون آھن، ڏاڍ جي بازار ۾ ڏَاھن جا ڪٽيل سَر ٽَنگيل آھن پر اُن باوجود پاڻ سچ جي نَشي ۾ ايترو مَست آھيون جو خوف پاڻ کان خوفزدہ آھي، پاڻ آدرشي زندگي تي مرڻ کي جيئڻ سمجھون ٿا، پاڻ ڀل دُنيا جي نظرن ۾ چريا ھجون پر تاريخ جي نظر پاڻ سان اِنصاف ڪَندي، اَنڌير نگري ۾، اُجالن جا فانوس ٻاري ھڪ ڏينھن آسمان ۾ ٽَنگينداسين ۽ انسانن جي آزادي جو جشن ملهائينداسين۔
پنھنجو تعلق مَدھوشن جي قبيلي سان آھي، سَچ پنھنجو امام آھي، ڌَرتي پنھنجو ايمان آھي، منصوري مام جو ٻِج پنھنجي دلين جي زمين تي پوکجي چُڪو آھي، دنيا کي جنت بڻائڻ جو خيال کڻي پاڻ پيدا ٿيا آھيون، پاڻ اُن ڪنواري ڇُوڪري جو پاڪ خيال آھيون جيڪا پنھنجي ٿيندڙ وَر جي خوابن مان لُطف انداز ٿيندي رھي ٿي ۽ آخر ۾ غُربت جي غَريب خاني ۾ گھٽجي گھٽجي ساھ ڏئي ٿي۔
عدالتن ۾ قاضي جي جڳھ ماس نوچيندڙ ڳجھون والاري چُڪيون آھن، پاڻ اُھي ڪَنڊا آھیون جن ھميشہ پنھنجي ڌرتي جي گُلن جي حفاظت ڪئي آھي، پاڻ قرباني ڏيڻ لاءِ پيدا ٿيا آھيون، قرباني پنھنجي عبادت آھي، خُدا ئي تہ آھي جيڪو سَچ جي ديوانن کي ڏسي مُرڪندو آھي باقي تہ سَڀ پاڻ کي ڏوھاري تصور ڪَندا آھن۔
پيارا گڏاڻي،
تون لطيف جي اَک اُلٽي ڌار واري فڪر جو پانڌيئڙو آھين، تون سماج جي وِِھمن، تنگ نظر ۽ مُدي خارج خيالن جو موت آھين، تُون حقيقتن جو سُقراط آھين جنھن سَچ جي عشق ۾ پنھنجو سڀ قُربان ڪري ڇڏيو، دنيا ۾ ماڻھو سڀ ڪجھ ٺاھڻ باوجود ڪجھ نہ ٺاھي سگھندا آھن ۽ تون سڀ ڪجھ وڃائي سڀ ڪجھ ٺاھي ورتو آھي۔
مونکي اَڄ بہ ياد آھي جڏھن مان توکي فرانس جي انقلابي تاريخ بابت ڪتاب ڏنو ھو ۽ تون اھو چئي واپس ڪيو ھو تہ عمار جاني، تاريخ تہ ھَر ماڻھو پڙھي ٿو پر مان تاريخ جو حصو ٿيڻ خاطر مسلسل جدوجھد ۾ آھيان۔
يار، ڏس اڄ تاريخ توکي پنھنجي ھَنج ۾ لولي ڏئي رَھي آھي، سنڌ جي تاريخ توکي تنھنجو قرض وياج سميت موٽائي ڏنو آھي۔
مُنھنجا جاني،
مونکي فَخر آھي تہ مان پنھنجي جواني جا خوبصورت چار سال توسان گڏ گذاريا، ” موقف تي بيھڻ ڪرامت آھي” واري ڳالھ تي تون پُورو لَٿو آھين، تون پنھنجي قول و فعل تي ديده دليري سان جبل جيان اٽل بيٺو آھين، تون عظيم آھين، تون عظيم آھين، سنڌ جو حلالي ٻَچو آھين ۽ سنڌ توتي فخر ڪري رَھي آھي۔
اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين
جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پِرِيَ ڏي
لطيف
تنھنجو ننڍو ڀاءُ
محمد عمار دايو
ڪراچي, سنڌ