خانپورمهر : گهوٽڪي ۾ هلندڙ ٽن ڏينهن وارو گهوٽڪي اسپورٽس فيسٽيول پنهنجي پڄاڻي تي پهتو
گهوٽڪي اسپورٽس فيسٽيول جي اختتامي تقريب خانپورمهر جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ٿي گذري
تقريب ۾ راندين واري صوبائي وزير محمد بخش خان مهر ،راندين وارو سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا
تقريب ۾ گهوٽڪي ۽ سکر ضلعي جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ مختلف راندين جي رانديگرن توڙي رانديگرياڻين ۽ خانپورمهر سان تعلق رکندڙ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ان موقعي تي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر ۽ سيڪريٽري پاران راندين جي مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ رانديگرن ۾ ٽرافيون توڙي ميڊل ۽ انعام ورهايا
فيسٽيول ۾ هاڪي، فٽبال، ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي، باڪسنگ، والي بال سميت مختلف راندين ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ رانديگرن ۽ رانديگرياڻين ۾ انعام ورهايا ويا
تقريب دوران زبردست آتشبازي جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو
تقريب ۾ ناليواري راڳي طفيل سنجراڻي ۽ شائنا علي فن جو مظاهرو ڪري تقريب ۾ آيل ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو
ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ هو ته اسين اهڙا پروگرام راندين کي هٿي وٺرائڻ ڪرائي رهيا آهيون
محمد بخش خان مهر چيو ته گهوٽڪي ۾ اسپورٽس فيسٽيول پهرين به ٿيا آهن پر اهڙي قسم جو فيسٽيول گهوٽڪي ضلعي ۾ نه ٿيو هو
هن فيسٽيول ۾ سکر ريجن جي ٽيمن حصو ورتو آهي خاص طور تي هن فيسٽيول ۾ ٿيندڙ هر راند ۾ نياڻين حصو ورتو آهي
اهڙي ايونٽن وسيلي اسان جو ٽيلينٽ ظاهر ٿيندو ۽ اهڙي ئي پروگرامن وسيلي ٽيلينٽيڊ رانديگر نيشنل گيمس ۾ حصو وٺندا
محمد بخش خان مهر جو چوڻ هو ته اسين اهڙي قسم جا فيسٽيول پوري سنڌ ۾ ڪرائينداسين
پاڪ، انڊيا ميچ جي حوالي سان صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ هو ته ميچ ڏسي رهيو هيس ته هڪ دوست چيو ته هي پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ مقابلو نه پر پنجاب ۽ انڊيا وچ ۾ ميچ ٿي رهي آهي هن چيو هاڻ سنڌي رانديگرن کي اڳتي آڻڻو پوندو