ڪراچي (خبر چار نيوز ) وفاق پاران سنڌ ۾ رستن جي تعمير لاءِ رڳو 4 سيڪڙو رقم مختص، وزيراعليٰ سنڌ جو وزيراعظم سان احتجاج
ڪراچي: وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه وفاق طرفان سنڌ ۾ رستن جي تعمير لاءِ رڳو 4.34 سيڪڙو رقم مختص ڪرڻ تي وزيراعظم سان احتجاج ڪيو آهي.وزيراعليٰ سنڌ وفاقي حڪومت ۽ قومي شاهراھه اٿارٽي (NHA) تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي آهي. هن پنهنجي خط ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته قومي سالاني ترقياتي پروگرام (ADP) تحت پنجاب لاءِ 33 منصوبن تي 38.65 سيڪڙو، ڪي پي ڪي لاءِ 30 منصوبن تي 17.59سيڪڙو، ۽ بلوچستان لاءِ 22 منصوبن تي 23.87 سيڪڙو رقم مختص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ لاءِ رڳو 6 منصوبن تي 4.34 سيڪڙو رقم رکي وئي آهي.
َوزيراعليٰ چيو ته سنڌ جي عوام سان هن ناانصافي کي قبول نه ڪيو ويندو ۽ وفاق کي فوري طور تي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. هن وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ سان ٿيل ناانصافي جو نوٽيس وٺي ان جو ازالو ڪيو وڃي.