• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

ڏهرڪي پوليس جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ غيرقانوني هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوا

ڏهرڪي پوليس جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ غيرقانوني هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوا

ڏهرڪي پوليس هڪ اهم ڪارروائي دوران ڳوٺ حضوري مزاري مان وڏي مقدار ۾ غيرقانوني هٿيار هٿ ڪري ورتا. پوليس جي موجب، ڳجهي اطلاع تي ڪيل هن آپريشن دوران هڪ درجن کان وڌيڪ ڪلاشنڪوفون، جي ٿري رائفلون ۽ سوين گوليون هٿ آيون.
ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو پريس ڪانفرنس دوران انڪشاف ڪيو ته الهڏتو مزاري ۽ لياقت مزاري غيرقانوني هٿيارن جي وڪري سان واڳيل هئا. انهن هٿيارن کي شر گينگ ۽ مزاري گينگ تائين پهچائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي هئي، پر پوليس جي بروقت ڪارروائي سان هي وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو آهي

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top