پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي لاءِ قومي ٽيم جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي لاءِ قومي ٽيم جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.چيمپئنز ٽرافي ۾ قومي ٽيم جي قيادت محمد رضوان ڪندو، جڏهن ته سلمان علي آغا نائب ڪپتان هوندو.پي سي بي پاران اعلان ڪيل اسڪواڊ جي ٻين رانديگرن ۾ بابر اعظم ، فخر زمان ، سعود شڪيل ، ڪامران غلام ۽ طيبه طاهر شامل آهن.جڏهن ته آل رائونڊرز ۾ فهيم اشرف، خوشدل شاهه ۽ سلمان علي آغا (نائب ڪپتان) اسڪواڊ جو حصو آهن.پاڪستان جي بالنگ لائن ۾ حارث رئوف، شاهين آفريدي،نسيم شاهه , اسپنر ابرار احمد ۽ محمد حسنين ۽ شامل آهن.فاسٽ بالر فهيم اشرف، فخرزمان، خوشدل شاهه ۽ سعود شڪيل جي قومي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.ياد رهي ته چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين هائبرڊ ماڊل تحت پاڪستان ۽ يو اي اي ۾ ٿيندي
پي سي بي کي 11 فيبروري تائين اسڪواڊ ۾ تبديلي جي اجازت آهي ، ان کان پوءِ تبديلي جي اجازت صرف طبي بنيادن تي آئي سي سي ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي منظوري سان هوندي
ايونٽ ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 19 فيبروري تي نيوزيلينڊ خلاف ڪراچي ۾ کيڏندو. جڏهن ته پاڪ ڀارت ٽڪر دبئي ۾ ٿيندو

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here