• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

پاڪستان چار هزار کان مٿي فقيرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيا

اسلام آباد(خبر چار نيوز )پاڪستان چار هزار کان مٿي فقيرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيا آهن،گڏ ڪيل ڄاڻ موجب پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي،سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ملاقات ڪئي آهي ملاقات دوران سعودي عرب جو سفير پڻ موجود هو ملاقات دوران پاڪ سعودي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي گهرو وزير محسن نقوي طرفان اسلام آباد ۽ رياض کي جڙيل شهر قرار ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن تي سعودي وزير به اتفاق ڪيو ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته انهي حوالي سان وڌيڪ ضروري قدم کنيا ويندا ملاقات ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستان مان پينو سعودي وڃڻ واري معاملي تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو فقيرن کي سعودي موڪلڻ واري مافيا خلاف قدم کڻڻ جي پڻ ڳالھ ٻولھ ٿي ، گهرو وزير چيو ته 4300 پينو فقيرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن، سعودي عرب وڃڻ وارن پينو فقيرن سخت کان سخت ڪاروائي ڪئي ويندي جيڪي ملڪ جو نالو بدنام ڪري رهيا آهن گهرو وزير چيو ته پينو فقرين جي مافيا خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي.

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top