وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي آئي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين لاء تيار ٿي ويون آهن ٻنهي وچ ۾ خميس ڏينهن ڳالهيون ٿينديون ان حوالي سان پي ٽي آئي اڳواڻ اسد قيصر حڪومتي ٽيم سان ڳالهيون ٿين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ملاقات 3 جنوري خميس ڏهاڙي ٿيندي هن وڌيڪ چيو ته هن حوالي سان پنهنجي ٽيم سان صلاح مشورو ڪري رهيا آهيون هن چيو اسان جا مطالبا واضع آهن ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاء حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار آهيون سندس چوڻ هو ته حڪومت عمران خان سميت ملڪ ۾ قيد سموري سياسي قيدين کي فوري آزاد ڪري هوڏانهن باني پي ٽي آئي جو بيان سامهون آيون آهي جنهن ۾ سندس چوڻ آهي هو ڪنهن جي چوڻ تي ڊيل نه ڪندو هن چيو آهي ملڪ اندر عدليه جو مذاق بڻايو ويو آهي هو پنهنجا سمورا ڪيس وڙهي رهيو آهي تنهن ڪري کيس ڪنهن سان به ڊيل جي ضرورت ناهي اهڙي ڳالهيون عمرن خان جي ڀيڻ عليمه خان عمران خان سان ملاقات ڪرڻ کانپوء ميڊيا سان ڪيون آهن هوڏانهن حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ م ڳالهيون جي ڳالهين جو دور جيڪو ايندڙ 2 جنوري تي جنهن جي صدارت اسپيڪر اياز صادق ڪندو جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي
