نيوسعيدآباد(خبر چار نيوز )
نيوسعيدآباد ويجھو مھراڻ ھائي وي تي ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ھڪ فوت ٻہ ڄڻا سخت زخمي، ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ لمس حيدرآباد منتقل، ڪار ڊرائيور موقعي تان فرار. نيوسعيدآباد ويجھو مھراڻ ھائي وي تي شھيد دودو ڪاڪا پوليس چيڪ پوسٽ وٽ موٽر سائيڪل سوارن کي پويان ھڪ تيز رفتار ڪار جو ٽڪر نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ميان بخش پٽ سانوڻ خاصخيلي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن تہ ٻہ ڄڻا غلام عباس پٽ فقير محمد خاصخيلي ويٺل شھدادپور عمر 30 سالا ۽ امام بخش خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيا فوتي ۽ زخمين کي تعلقا اسپتال نيوسعيدآباد منتقل ڪيو ويو، زخمين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ طبي امداد ڏيئي وڌيڪ علاج لاءِ لمس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ڪار ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
