جارحاڻو مزاج رکندڙ ڪرڪيٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي خيرآباد ڪري ڇڏيو !
نيوزيلينڊ جي طرف کان کيڏندڙ پنهنجي جارحانه بيٽنگ جي ڪري ڪرڪيٽ ۾ مشهوري ماڻيندڙ
جارحاڻي اوپنر بيٽسمين مارٽن گپٽل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي الوداع ڪندي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، هن اهو اعلان گذريل ڏينهن ڪيو
مارٽن گپٽل 47 ٽيسٽ، 198 ون ڊي ۽ 122 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آھن. مارٽن گپٽل ون ڊي انٽرنيشنل ۾ روھت شرما کان پوء ھڪ اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ رانديگر پڻ آھي جنھن ويسٽ انڊيز خلاف سن 2015 ۾ 163 بالن تي 237 ناقابل شڪست ٺاھيا.
ياد رھي تہ مارٽن گپٽل مختلف ليگز سميت پاڪستان سپر ليگ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ، ڪوئيٽا گليڊيئيٽر ۽ ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي پڻ ڪري چڪو آھي.