یرپورماٿيلو بائي پاس تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، فوتي جي سڃاڻپ تنوير سومرو طور ٿي آھي
ميرپورماٿيلو جي بائي پاس تي هڪ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي هڪ تیز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ نوجوان شخص فوت ٿي ويو.فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ تنوير سومرو طور ظاهر ٿي آھي. پوليس مطابق، حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور واقعي جي جڳهه تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس حادثي جي تحقیقات ڪري رهي آهي ۽ لاش کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو آهي.
عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته ٽرالر تمام تیز رفتار ۾ هو ۽ موٽرسائيڪل سوار ان وقت رستي تي موجود هو جڏهن ٽرالر ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويو