• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

ميرپور ماٿيلو: گھوٽڪي ضلعي ۾ بدامني، سول سوسائٽي پاران احتجاج

ميرپور ماٿيلو: گھوٽڪي ضلعي ۾ بدامني خلاف سول سوسائٽي ۽ ٻين ڌرين پاران احتجاج

ميرپور ماٿيلو ۾ سول سوسائٽي ۽ مختلف ڌرين پاران گھوٽڪي ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن علي حسن چڊڙ، جنيد جلباڻي،حنيف سومرو ۽ مولوي محمد علي گبول ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي جي مختلف شھرن ميرپور ماٿيلو، ڏھرڪي، گھوٽڪي، خانپور ۽ اٻاوڙو ۾ بدامني پنهنجي عروج تي پهچي وئي آهي. چوريون، ڌاڙا ۽ ڦرون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته موٽر سائيڪلن جي چوري، ڌاڙن ۽ اغوائن جون وارداتون وڌي رهيون آهن، جڏهن ته منشيات جو کلي عام وڪرو به جاري آهي. پوليس عوام جي تحفظ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي ٿي ۽ اگھور ننڊ ۾ ستل آهي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڏينهن ڏٺي جو ماڻهن کان موٽر سائيڪلون ۽ موبائل فون ڦري رهيا آهن، ڳوٺن ۾ ماڻهن جا مال ۽ جان غير محفوظ بڻيل آهن. رات جي وقت هٿياربند چور گھرن ۾ گهڙي، ڌمڪيون ڏئي مال لٽي وڃن ٿا، پر پوليس اهڙين وارداتن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته گھوٽڪي ضلعي ۾ هڪ ايماندار ۽ قابل آفيسر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي تحفظ فراهم ڪري سگهجي ۽ ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن.

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top