• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

ميرپور ماٿيلو: ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي بهتري لاءِ 5 رڪني مانيٽرنگ ڪاميٽي قائم

ميرپور ماٿيلو (خبرچارنيوز) گهوٽڪي جي ڪمشنر، ڊاڪٽر سيد محمد علي، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو جي بهتري لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ پنج رڪ مانيٽرنگ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي.ڪمشنر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، مانيٽرنگ ڪاميٽي جو چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر هوندو، جڏهن ته ڊي ايڇ او، اسسٽنٽ ڪمشنر (اي سي) ميرپور ماٿيلو، ۽ صحت کاتي جا ٻه اڳوڻا عملدار ميمبر طور شامل هوندا.مانيٽرنگ ڪاميٽي اسپتال جي ڪارڪردگي، عوام کي فراهم ڪيل سهولتن، ۽ طبي خدمتن جو جائزو وٺندي. گڏوگڏ، اسپتال جي بهتري لاءِ به قدم کنيا ويندا ته جيئن عوام کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪري سگهجن.ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته “ڪاميٽي ٺاهڻ جو مقصد ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کي عوام لاءِ لاڀائتو بڻائڻ آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اسپتال جي سهولتن کي بهتر بڻايو وڃي.”

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top