• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

ميرپور ماٿيلو ضلعي گهوٽڪي ۾ ستين زراعت شماري شروع، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي فيلڊ آپريشن جو افتتاح ڪيو

ميرپور ماٿيلو (خبر چار نيوز )ضلعي گهوٽڪي ۾ ستين زراعت شماري شروع، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي فيلڊ آپريشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، پهرين جنوري کان 10 فيبروري تائين زراعت شماري جاري رهندي، ضلعي جي 73 ديهن جي بلاڪن ۽ 25 شهري علائقن جي بلاڪن تي ڪل 98 بلاڪ ٺاهيا ويا 60 ورڪر ڪم ڪندا. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي پاڪستان جي ستين زراعت شماري تحت ضلعي گهوٽڪي ۾ فيلڊ آپريشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي زراعت شماري جو بنيادي مقصد زراعت واري شعبي ۾ پاليسي ٺاهڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ انگ اکر گڏ ڪرڻ آهي، هن چيو ته زراعت شماري سان نه صرف ملڪي زرعي جنسن جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ملندي پر مستقبل ۾ خوراڪ جي کوٽ کي به گهٽ ڪري سگهبو. ان موقعي تي هن فيلڊ اسٽاف کي هدايت ڪندي چيو ته زراعت شماري دوران سچائي ۽ ايمانداري سان فرض ادا ڪيو وڃي، هي هڪ قومي ڪاز آهي ان ڪري هن مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر سينسز درشن لعل ٻڌايو ته شماريات کاتي پاران سنڌ حڪومت جي تعاون سان ضلعي گهوٽڪي ۾ پاڪستان جي ستين زراعت شماري 10 فيبروي تائين جاري رهندي، ان کان اڳ 6 زرعي شماريون ٿي چڪيون آهن آخري زرعي شماري 2010 ۾ ٿي هئي، ستين زراعت شماري دوران پهريون ڀيرو ، زرعي مشينري سميت چوپائي مال کي به ڳڻيو ويندو انڪري هي زراعت شماري ملڪي تاريخ ۾ پهريون Integrated Digital Count هوندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ 98 بلاڪ شماريات کاتي حڪومت پاڪستان پاران ٺاهيا ويا آهن.

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top