• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

ميرپور ماٿيلو شھر جي ترقيءَ ۽ ماسٽر پلان مشاورتي سمينار منعقد ڪيو ويو

ميرپورماٿيلو(خبرچارنيوز)ڊائريڪٽوريٽ آف اربن ريجنل پاليسي اينڊ اسٽريٽجي پلاننگ، پلاننگ اينڊ ڊيولپمنٽ کاتي حڪومت سنڌ پاران گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو شهر جي ترقي ۽ ماسٽر پلان جي حوالي سان ضلعي ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ هڪ مشاورتي سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ايم اين اي علي گوهر خان مهر، چيئرمين پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪاميٽي عبدالباري خان پتافي، وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل بابر خان لنڊ، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي، ڊائريڪٽر جنرل يو آر پي ايس پي امتياز ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽرن ذوالفقار ڪنڀر، نائله حق، عزيما ناصر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ديال داس راٺوڙ سميت لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم اين اي علي گوهر خان مهر سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته هو سنڌ حڪومت جو شڪرگذار آهي جو ضلعي جي اهم شهر گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو کي ماسٽر پلان ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ٻنهي شهرن جي ترقي لاءِ جامع پلان جوڙيو وڃي ته جيئن مستقبل تائين اثر انداز رهي ۽ هتان جي شهرين کي بنيادي سهولتون ملي سگهن جيڪو سندن حق آهي، چيئرمين پي ايس ڊي سي عبدالباري خان پتافي چيو ته سنڌ حڪومت هميشه عوام جي ترقي لاءِ قدم کنيا آهن، گهوٽڪي ۽ ميرپور شهرن جي ترقي سان بهتري ايندي. ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل اربن ڊائريڪٽوريٽ امتياز ڀٽي سيمينار کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته عالمي سروي مطابق 2050 تائين دنيا جي 60 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ اباد ٿي ويندي، عالمي معاشري ترقي ترقي جو 80 سيڪڙو شهرن تي مشتمل آهي ۽ معاشي ترقي لاءِ شهرن کي انجڻ طور تسليم ڪيو پيو وڃي، انڪري معاشي ترقي لاءِ شهرن کي ترقي ڏيارڻ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران صوبي جي 17 شهرن لاءِ ماسٽر پلان جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي جن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاه، اسلام ڪوٽ، سانگهڙ، نوشهرو فيروز، عمر ڪوٽ، مٺي، ٺٺو، بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص، ٽنڊو الهيار، مٽياري، دادو ۽ ڄامشورو شامل آهن جڏهن ته ٻين 14 اهم شهرن جو ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي جن ۾ گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، روهڙي، خيرپور، شڪارپور، قمبر، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، ٽنڊو آدم، مورو، هالا، سيهوڻ، ميرپور ساڪرو ۽ ڪوٽڙي شامل آهن ان سسلسلي ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو آهي ته جيئن هتان جي اسٽيڪ هولڊرن کان تجويزون وٺي بهتر کان بهتر پلاننگ ڪئي وڃي، هن چيو ته ماسٽر پلان ۾ تعلصم صحت، انفرااسٽرڪچر، پيئڻ جي صاف پاڻي، هائوسنگ پلاننگ، صفائي سٿرائي ۽ آلودگي کان پاڪ ماحول جهڙا پروگرام شامل آهن. ان موقعي تي ايم اين اي علي گوهر خان مهر، عبدالباري خان پتافي ۽ وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل بابر خان لنڊ ماسٽر پلان جي حوالي سان پنهنجون پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل اربن ڊائريڪٽوريٽ چيو ته اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن تي غور ڪيو ويندو ته جيئن بهتر کان بهتر ماسٽر پلان تيار ڪري سگهجي

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top