• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

ميرپور ماٿيلو: زمين جي پراڻي تڪرار، سميجا ۽ ڇڄڻ برادري وچ ۾ جھيڙو، 12 ڄڻا زخمي

ميرپور ماٿيلو: ٻيلي جي سرڪاري زمين تان پراڻي تڪرار، سميجا ۽ ڇڄڻ برادري وچ ۾ جھيڙو، 12 ڄڻا زخمي

ميرپور ماٿيلو ويجهو ٻيلي جي سرڪاري زمين تان پراڻي تڪرار تان سميجا برادري ۽ ڇڄڻ برادري وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنھي ڌرين جا 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.سميجا برادري جا زخمي: الھڏوايو، الياس، اڪرم قتال، نواب سميت 8 ڄڻا زخمي.ڇڄڻ برادري جا زخمي: خادم، بشير ڇڄڻ، واحد بخش سميت 4 ڄڻا زخمي.سميجا برادري جو چوڻ آهي ته ٻيلي جي زمين تي پراڻو تڪرار هلي رهيو آهي، ۽ ڇڄڻ برادري جي ماڻهن اڄ اسان جي ماڻهن کي رستو روڪي لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري سخت زخمي ڪيو. هنن جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ به عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن، پر ان باوجود اسان تي حملو ڪيو ويو.سميجا برادري موجب، ٻن ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين سکر منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، ٻيلي جي زمين تي قبضو ۽ چوپائي مال تان جھيڙو ٿيو، ٻنھي ڌرين کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري اسپتال موڪليو ويو.
سميجا برادري جي ماڻهن ايس ايس پي گھوٽڪي کي اپيل ڪئي ته جھيڙي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top