ميرپورماٿيلو پوليس صحافي کي کنڀي مٿن شراب رکڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ميرپورماٿيلو جي اي ايس پي محمد علي شام جو ميرپورماٿيلو جي مقامي صحافي جلال بوزدار جي آفيس تي چڙهائي ڪري کيس گرفتار ڪيو جنهن بعد جلال بوزدار مٿان ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي شراب رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ايس ايس پي گهوٽڪي جي ترجمان طرفان جاري پريس رليز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس ايس پي گھوٽڪي ڊاڪٽر سميع الله سومرو جي هدايت تي گھوٽڪي پوليس جو منشيات فروشن ۽ ٻين ڏوھارين خلاف ڪريڪ ڊائون.ٿاڻو ميرپور ماٿيلو پوليس گشت دوران ڳجهي ڄاڻ تي ڪارروائي ڪندي، سنڌو گرين سٽي ويجهو سومرا ڪالوني جي پل وٽان هڪ جوابدار جلال ولد آچر بوزدار رهواسي ويجهو لعل شاهه ميرپور ماٿيلو کي 06 اڌيون شراب سميت گرفتار ڪيو.پوليس جوابدار کي هٿ آيل شراب سميت ٿاڻي تي وٺي وئي ۽ سندس خلاف ڪرائيم نمبر 17/2025 قلم 3/4 منشيات حد آرڊيننس تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.هوڏانهن ميرپورماٿيلو جي صحافين طرفان جلال بوزدار جي گرفتاري خلاف لطيف لغاري جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي جيڪو جاري آهي صحافين جو چوڻ آهي جلال بوزدار کي ناحق گرفتار ڪيو ويو آهي کيس فوري آزاد ڪيو وڃي
