صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي مامي اسلام خان مهر تي ارادي قتل ۽ موت مار ڌمڪين جو ڪيس داخل
ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي سومرا برادري جي الطاف سومرو جي فرياد تي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي مامي، اسلام خان مهر، خلاف ارادي قتل، موت مار ڌمڪيون ڏيڻ ۽ حراسان ڪرڻ جا قلم شامل ڪندي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام خان مهر ۽ سومرا برادري وچ ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿيو، جنهن دوران اسلام خان مهر مبينا طور فائرنگ ڪئي ۽ سومرا برادري کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون. فريادي الطاف سومرو پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار اسلام خان مهر ضد ۽ ڪاوڙ ۾ اچي فائرنگ ڪري ڳوٺاڻن ۾ خوف پيدا ڪيو ۽ هراسان ڪيو