ميرپورماٿيلو: زمين جي تڪرار تان جوابدار فائرنگ ڪري سوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو ،لاش اسپتال منتقل ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي حد
۾ جوابدار گهر باهريان بيٺل پنهنجي سوٽ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي ،ميرپوماٿيلو پوليس موجب ڳوٺ سونو حيدراڻي ۾ جوابدار جميل حيدراڻي فائرنگ ڪري پنهنجي سوٽ حسين بخش کي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاء ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو آهي جتي پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي ميرپورماٿيلو پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار زمين تڪرار تان پنهنجي سوٽ کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو آهي جتي پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي
