• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

ميرپورماٿيلو:شهريار حملو ڪيس، شڪور لاکو، احمد سيلرو مٿان حملي جو خدشو، ٻنهي جي جان کي خطرو

ميرپورماٿيلو( خبر چار نيوز)

شهريار شر حملو ڪيس،گرفتار جوابدار شڪور لاکو جي جان کي خطرو پوليس عدالت م پيش نه ڪيو،ايس ايس پي گهوٽڪي ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو شهريار شر حملي ڪيس ۾ جوابدار شڪور لاکو کي حملي جي خطري سبب عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو جڏهن
ڪچي ضمانت ٿيل جوابدار احمد خان سيلرو پڻ کي جان جو خطرو آهي ،ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو جنهن م ڄاڻايو ويو ته ٻنهي جوابدارن مٿان حملي جو خدشو آهي اهڙي خط بعد پوليس عدالت کي آگاهي ڏني ٻنهي جوابدارن کي پيش ٿيڻ کان استنا ڏني وڃي ايس ايس پي گهوٽڪي عدالت کي ليٽر لکي آگاهي ڏني وئي ته ڏوهاري عنصرن طرفان جوابدارن شڪور لاکو ۽ احمد خان سيلرو مٿان رستي ۾ عدالت ٻاهريان توڙي احاطي ۾ حملي جي پلاننگ ڪئي آهي باوثوق ذريعا طرفان اها ڄاڻ ملي آهي ته ٻنهي جوابدارن مٿان حملو ٿي سگهي ٿو تنهن ڪري هنن کي پيش نه ڪيو ويندو ايس ايس پي گهوٽڪي جي ٿريٽ الرٽ کان پوء عدالت طرفان ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top