ميرپورماٿيلو(خبرچار نيوز) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي جي هدايتن تي فوڊ سيفٽي آفيسر ماجد حسين ڪلهوڙو جا شهر جي مختلف دوڪانن تي ڇاپا، کاڌي پيتي جي شين جو جائزو ورتو دوڪاندارن کي وارننگ جاري. خبر موجب فوڊ سيفٽي آفيسر ماجد حسين ڪلهوڙو گهوٽڪي شهر جي مختلف بازارن ۾ دورو ڪري کاڌي پيتي جي شين جي معيار جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي جي هدايتن تي بازارن جو دورو ڪري رهيا آهيون جو شهر جا ڪجهه ڪاروباري ماڻهو منافعي خاطر غيرقانوني عمل ۾ ملوث آهن انڪري مختلف دوڪانن تي ڇاپا هڻي خاص طور تي انڊن کي ٽوڙي ٽيسٽنگ ڪئي وئي ته جيئن معيار بابت صورتحال واضع ٿي سگهي. هن چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي کاتو کاڌي پيتي جي شين ۾ ڪنهن کي به ملاوٽ ڪرڻ يا غيرمعياري سامان وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو جيڪڏهن ڪنهن به دوڪاندار غيرمعياري يا ملاوٽ واريون شيون وڪرو ڪيون ته سندس خلاف ڪارروائي ڪري دوڪان سيل ڪيا ويندا.
