• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

مورو قومي شاهراھ تي ڄاڃين سان المناڪ حادثو، 8 ڄڻا فوت،12 زخمي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو

مورو قومي شاهراھ تي ڄاڃين سان المناڪ حادثو، 8 ڄڻا فوت،12 زخمي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو

ڪئي وئي مورو قومي شاهراھ تي حيدرآباد کان نوشهروفيروز ڏانھن ايندڙ ڄاڃين جي وين کي ٽرڪ جي ٽڪر نتيجي ۾ 8 ڄڻا موقعي اجل جو شڪار ٿي ويا اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن ۽ مقامي ماڻھن پھچي فوتي ماڻھن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ان دوران ريسڪيو ٽيم طرفان ھيوي ڪٽر مشين سان وين جي باڊي کي ڪٽي فوت ٿي ويلن ماڻھن جا لاش ۽ زخمي ماڻھن کي ٻاھر ڪڍيو، حادثي ۾ فوتي ٿي ويلن ۾ معصوم ٻارڙي عاليہ،فرحانه، نينگر علي محمد،نوجوان فيصل، ظھير، عورت شريفان ۽ پيرسن مولا بخش ٽڳڙ شامل آھن جڏهن ته ريحانہ، شھناز، خالدہ، عبدالستار ۽ ٻيا زخمي آھن فوتين ۽ زخمين جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته سندس تعلق ٺڳر برادري سان آهي جيڪي گهوٽ پرڻائڻ لاش نوشهرو فيروز وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، اسپتال ۾ لاشن کي ضروري ڪاراوئي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جتان لاش مقامي ڳوٺ پهچڻ تي ڳوٺ ۾ سوڳ واري صورتحال هئي

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top