• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

محتسب اعلي فضل محمد شيخ ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي پهچي، دورو ڪيو

گهوٽڪي( خبر چار نيوز )محتسب اعلي سنڌ جو ريجنل ڊائريڪٽر گهوٽڪي فضل محمد شيخ ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي پهتو، اسپتال، مختلف وارڊن، بورچيخاني، مسجد ۽ اسڪول جو دورو ڪري صفائي سٿرائي جو جائزو ورتو. خبر موجب ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي سنڌ گهوٽڪي فضل محمد شيخ ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي پهچي جيل جي مختلف وارڊن، اسڪول، اسپتال، بورچيخاني جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ قيدين کان مسئلا معلوم ڪيا. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته محتسب اعلي سنڌ جو مقصد ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ آهي ان سلسلي ۾ جيل جو دورو ڪيو آهي ته جيئن قيدين جا جائز مسئلا معلوم ڪري انهن جو ازالو ڪري سگهجي، هن چيو ته جيل ۾ صفائي سٿرائي سميت کاڌ خوراڪ جو معيار اطمينان جوڳو آهي جڏهن ته قيدين جائز مسئلن کي حل ڪرڻ بابت جيل سپرنٽينڊنٽ کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. قانون موجب قيدين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جيل انتظاميه جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جيل جو سڀ کان وڏو مسئلو بجلي جي لوڊشيڊنگ آهي ڄاڻ ملي آهي ته هتي 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿئي پئي ان سلسلي ۾ اختيارين کي لکيو ويندو.

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top