ميرپور ماٿيلو (رپورٽ عمر ڪورائي )
محتسب اعلي سنڌ گهوٽڪي جي ريجنل ڊائريڪٽر فضل محمد شيخ چيو آهي ته محتسب اعلي سنڌ جو ادارو عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، شهرين کي گهرجي ته سرڪاري ادارن خلاف پنهنجون شڪايتون کڻي اچن کين تڪڙو، بغير ڪنهن فيس ۽ وڪيل جي مفت انصاف فراهم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار ميونسيپل ڪاميٽي آفيس گهوٽڪي ۾ مڪاني کاتي جي چونڊيل نمائندن سان منعقد ٿيل محتسب اعلي اداري بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته محتسب اعلي سنڌ محمد سهيل راجپوت جي هدايتن موجب عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪئي پئي وڃي ته محتسب اعلي سنڌ جو ادارو تڪڙو، مفت ۽ بغير وڪيل جي انصاف فراهم ڪندڙ ادارو آهي جيڪو عام ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ جاکوڙي پيو. هن چيو ته جيڪڏهن عام ماڻهن جو ڪنهن سرڪاري اداري ۾ جائز ڪم نه پيو ٿئي يا بغير ڪنهن سبب جي دير ڪئي پئي وڃي ته ريجنل آفيس گهوٽڪي ۾ سادي ڪاغذ تي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي سميت درخواست جمع ڪرائي سگهجي ٿي ان کان علاوه محتسب اعلي سنڌ جي ويب سائيٽ تي پڻ شڪايتون داخل ڪري سگهجن ٿيون. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته مڪاني کاتو عام ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت جو هڪ بهترين پليت فارم آهي انڪري چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته هو پنهنجي پنهنجي علائقي جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪندي شهرين کي سهولتون فراهم ڪن.
