غالب ڊومڪي جي گاڏي تي ٿيل حملي جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل سامهون آيا آهن. سيڪيورٽي گارڊن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڏوهاري نادر ميراڻي جو لاش پوليس 24 ڪلاڪن بعد هٿ ڪري ورتو آهي. پوليس پهرين ڏينهن جڏهن اها خبر آئي ته ڏوهاري مارجي ويو آهي سندس لاش جي ڳولا ڪري رهي هئي ڏوهاري جا وارث گذريل کان پنهنجا گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا هئا پوليس کي مقامي قديمي قبرستان مان هڪ نئين قبر ملي جنهن جي حوالي سان اهو ٻڌايو ويو ته اها قبر ڏوهاري جي آهي جنهن بعد پوليس قبر ڪشائي ڪرائي نادر ميراڻي جو لاش هٿ اچڻ جي دعوا ڪئي آهي لاش کي ضروري ڪاروائي لاش خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پوليس طرفان ڏوهاري جو لاش هٿ اچڻ جي تصديق پڻ ڪئي وئي آهي ياد رهي ته هي واقعو گذريل رات پيش آيو، جڏهن غالب ڊومڪي پنهنجي گهرواري، معصوم ٻار، ۽ ٻين سان گڏ سکر کان ڪشمور وڃي رهيو هو. ان دوران ڏوهارين جي حملي ۾ غالب ڊومڪي، سندس گهرواري، هڪ معصوم ٻار، ڊرائيور، ۽ هڪ محافظ زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته ٻه محافظ، مهر علي ۽ سالار، ڏوهارين جي فائرنگ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويا هئا ھوڏانھن گذريل رات فوت ٿيل محافظن جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي کان پوءِ سندن وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس هن واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري رکندي، حملي ۾ ملوث ٻين ڏوهارين جي ڳولا ۾ آهي.
