سڳيون(خبرچار نيوز)سڳيون ڀرسان ڳوٺ رسول بخش ھيسباڻي جي رھواسي صوفي فنڪار الله ڏنو ھيسباڻي جي ڪکائي گهر کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي گھر م پيل سمورو الهه تلھ سڙي رک ٿي ويو باھ لڳڻ سبب گهر اندر بيٺل ٻڪرين مان ھڪ ڀلوڙ نسل جي ٻڪري سڙي خاڪ ٿي وئي ٻه ٻڪريون سخت زخمي ٿي پيون ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي ٻين گهرن کي نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو غريب ڳوٺاڻي صوفي فنڪار الله ڏنو ھيسباڻي جي وس وارن تڪ جي ايم پي اي نعيم احمد کرل ۽ ايم اين اي سيد جاويد شاهه جيلاني ۽ ڊي سي خيرپور، اي سي صوڀوديرو ۽ ٻين وس وارن کان مالي مدد جو مطالبو ڪندي چيو ته آئون غريب صوفي فنڪار آھيان منھنجي گھر کي ڪچري مان اوچتو باهه وڪوڙي وئي آهي جنهن سبب گهر م پيل سامان سڙي رک ٿي ويو ۽ بيٺل ٻڪري سڙي خاک ٿي مري وئي وس وارن کي اپيل آهي ته خدارا منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن ٻچڙن جي لاءِ نئين سر گهر تعمير ڪرائي سگهان
