صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر ڪرڪيٽ بابت به پنهنجا خيال پيش ڪيا.هن چيو ته عام تاثر آهي ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پنجاب ۽ ڪي پي ڪي تي مشتمل آهي، اسان نوجوان سنڌي ڪرڪيٽرن لاءِ به آواز اٿاري رهيا آهيون.چيمپيئن ٽرافي بعد محسن نقوي سان ملاقات ۽ ڳالهيون ٿينديون سوال اهو آهي ته آءِ سي سي سنڌ جو ڪرڪيٽ بورڊ قبول ڪري يا نه، اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ڇا پي سي بي ان کي قبول ڪندو
