ڪراچي( خبر چار نيوز) سنڌجي نالي واري خوبصورت فنڪاره ۽ ٽڪ ٽاڪر صبا سحر نوجوان هدايت الله خاصخيلي سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو اهي فنڪاره طرفان پيار پرڻي کان پوء پنهنجي وارثن کان زندگي کي خطرو هجڻ ڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهي گذريل ڏينهن صبا سحر پنھنجي مڙس ھدايت الله خاصخيلي سان گڏ ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته آئون پنهنجي مرضي سان ھدايت الله خاصخيلي سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنهن کان پوء منهنجا مائٽ منهنجي مڙس هدايت الله خاصخيلي جي گهر تي حملا ڪري پريشان ڪري رهيا آهن.صبا سحر چيو تہ مونکي پنھنجي ڀائرن شيراز امڙ،ماسي ۽ ٻين کان خطرو آھي. اڄ مان ميڊيا جي سامھون اچي ٻڌايون پيا تہ اسان پيار جو پرڻو ڪيو آهي اسان کي جيئڻ ڏنو وڃي. هوڏانهن فنڪاره جي شادي واري خبر وائرل ٿيڻ کان پوء ڪيترن نوجوان جي دل ٽٽي پئي آهي سوشل ميڊيا تي صارفين خاص ڪري نوجوان فنڪاره جي شادي واري خبر کي وٺي دلچسپ ڳالهيون ڪري رهيا آهن هڪ نوجوان ماٿيلو واسي شاهد مهر صبا سحر کي مينشن ڪري لکيو آهي ته تون ائين نه ڪرين ها پر پوء به توهان جي شادي جون مبارڪون ھجن
