سرحد (خبر چار نيوز )سرحد ڀرسان جھانپور شريف واسي امير حسين ڇنڇرو تي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جو واقعو پيش آيو. متاثر امير حسين ڇنڇرو ٻڌايو ته قاضي واھ واري ٻيلي مان گذرڻ دوران موٽرسائيڪل تي سفر ڪري رهيو هئس ته ان دوران هٿياربند ڦورن مٿي ۾ ڌڪ ھڻي زبردستي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
واقعي جي اطلاع ملڻ تي متاثر شخص ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ايس ايڇ او سرحد کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس ڦري وئي موٽرسائيڪل واپس ڪرائي وڃي.
اهڙي قسم جا واقعا سرحد جي علائقن ۾ ماڻهن لاءِ تشويش جو سبب بڻجن ٿا، ۽ انتظاميا کي فوري طور تي هن قسم جي وارداتن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.