اڪري چودڳي ۾ دڪاندار جي معصوم نينگر سان نازيبا حرڪتن واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوء ايس ايس پي خيرپور نوٽيس ورتو آھي اڪري پوليس جوابدار دڪاندار مھربان هيسباڻي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي اڪري چودڳي ھڪ دڪاندار مھربان هيسباڻي 12 سالن جي ظھير شر سان نازيبا حرڪتون ڪري ويڊيو رڪارڊ ڪئي جيڪا سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رھي آھي ويڊيو ۾ دڪاندار پنھنجي شاگرد نينگر سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندي نازيبا حرڪتون ڪندي ڏسي سگھجي ٿو اھڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوء ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان نوٽيس وٺندي دڪاندار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو تنھن کانپوء پوليس کيس گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي
