خانپور مهر: ڳوٺ سونو قاضي ۾ بدامني، صحافي سائل قاضي جي گهر کي کاٽ، چوپايو مال چوري
خانپور مهر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني جي لهر جاري آهي. رات دير سان نامعلوم چورن سينيئر صحافي سائل قاضي جي ڳوٺ سونو قاضي ۾ واقع گهر کي کاٽ هڻي اندر داخل ٿي ويا ۽ هڪ مينهن، ڳئون ۽ گابي سميت قيمتي سامان چوري ڪري ويا
واقعي کان پوءِ صحافين ۽ ڳوٺاڻن پاران چورن جا پيرا کڻي انهن کي ڳولڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر اڃا تائين ڪابه ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي
واقعي تي صحافين ۾ شديد غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي. متاثر صحافين ۽ علائقي واسين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان اپيل ڪئي آهي ته چوري ٿيل مال واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
علائقي ۾ وڌندڙ چوري جي وارداتن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي، صحافين مطالبو ڪيو آهي ته علائقي ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن.