• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

جوابدارن برڪت ،اصغر ۽ عبدالله لنڊ ،هم صلاح ٿي صحافي کي شهيد قتل ڪيو خالد خان لنڊ ۽ سندس پٽن خلاف ڪا ثابتي موجود ناهي:جاچ رپورٽ

ميرپورماٿيلو(خبر چار ايسڪليوزو رپورٽ)شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ نئون رخ ڪري ويو آهي، جاچ آفيسر تنوير تنيو طرفان خالد خان لنڊ ۽ ٻن پٽن کي قتل مان آجو قرار ڏئي ويو آهي جڏھن ته خالد خان لنڊ جو منشي عبدالله گارڊ برڪت لنڊ ۽ ڀاء اصعر لند کي قاتل قرار ڏنو ويو آهي اهڙُو حتمي چالان جاچ آفيسر طرفان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو عدالت طرفان منظور ڪيو ويو

شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو حتمي چالان عدالت م پيش ڪيو ويو آهي جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جاچ ٽيم ميرپورماٿيلو پهچي مختلف رخن کان هن ڪيس جي جاچ شروع ڪئي جاءِ واردات جو معائنو ڪيو مشيرنامو ٻيهر ٺاهيو ويو مختلف ماڻهن سان ملي معلومات حاصل ڪئي وئي،شهيد نصرالله جي حوالي سان پڻ معلومات ورتي وئي سندس استعمال هيٺ موبائيل نمبرن جي سي ڊي آر حاصل ڪئي وئي فريادي ڌر طرفان ڏيکاريل جوابدارن جي موبائل فون نمبرن جون سي ڊي آر حاصل ڪيون ويون،سوشل ميڊيا تي نثار لاٽڪي نالي هڪ شخص جو وڊيو بيان وائرل ٿيو جنهن ۾ هو ساڳي ڏوهه جو ذڪر ڪري رهيو هو جنهن کي گهرائڻ جو بندوبست ڪيو پر هن جو ڪو به ڏس پتو نه پيو بعد ۾ معلوم ٿيو ته نثار لاٽڪي 22 آڪٽوبر تي پاڪستان کان ڪويت روانو ٿي ويو آهي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل خالد لنڊ ،شهباز لنڊ،نور محمد لنڊ کان جدا جدا جاچ ڪندي پڇا ڪئي وئي خالد لنڊ موجب هو قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ صحافي جي قتل وقت هو ميرپورماٿيلو ۾ موجود نه هو، هن کي ڏوه جي حوالي سان ڪو به علم ناهي ڪيس جي فريادي ڌر ڪافي ڏينهن گذرڻ بعد سياسي مخالفت جي ڪري منهنجو ۽ منهنجي ٻن پٽن جو نالو ڏنو منهنجا ٻئي پٽ ڏوهه جي ڏيکاريل تاريخ تي ملڪ کان ٻاهر ويل هئا شهباز خان لنڊ پنهنجي رڪارڊ ڪرايل بيان ۾ ٻڌايو ته هو يو ڪي ويل هو،جڏهن ته نور محمد لنڊ جو چوڻ هو ته هو ڪاروبار جي سلسلي ۾ دبئي ويل هو رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جاچ دوران آس پاس جي غير جانبدار شاهدن جا بيان قلم بند ڪيا ويا جن ظاهر ڪيو ته خالد لنڊ ۽ سندس پٽ صحافي نصرالله گڏاڻي جي پيش آيل واقعي واري تاريخ تي هتي موجود نه هئا ،اسان جي جاچ دوران خالد لنڊ ۽ ٻن پٽن خلاف هن ڏوهه ۾ اهڙي ڪابه ثابتي نه ملي آهي نه وري ڏيکاريل ٻن جوابدارن سان رابطي ڪرڻ يا منصوبابندي ڪرڻ جو ثبوت نه ملي سگهيو آهي سندس نالا فريادي ڌر سياسي مخالفت ۽ پنهنجي ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ خاطر ڏيکاريا آهن،جيڪي هن ڏوه ۾ بيقصور آهن،تنهن ڪري ٽنهي جا نالا ڏوهه جي ثابتي نه ملڻ تي قلم 169 ڪپڪ تحت هن جي جاچ مان آزاد فارغ ڪجن ٿا هن ڏوهه ۾ دوران جاچ ڪورٽ جي بيل تي جوابدار عبدالله لنڊ پڻ ڪيس جي جاچ کي جوائن ڪيو جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جيڪو هن ڏوهه ۾ قبول داري نٿو ڪري جوابدار اصغرلنڊ جي گرفتاري بعد فريادي ۽ شاهدن عدالت سڳوري ۾ سڃاڻپ پريڊ دوران سڃاڻپ ظاهر ڪئي هئي جوابدار جي قبضي مان هٿ ٿيل موٽر سائيڪل ون ٽو فائيوو جيڪا هن ڏوهه ۾ استعمال ٿيل آهي هٿ ٿيل پسٽل فارئنزڪ رپورٽ موجب جائي واردات تان مليل فائر ٿيل خالي خولن سان ميچنگ ڏيکاريل آهي جوابدارن اصغر لنڊ برڪت لنڊ وارن جي خلاف هن ڏوهه ۾ مڪمل ثابتي گذري ٿي سندس موبائيل نمبرن جي ورتل ڊيٽا موجب واردات جي سيل آئيڊيز ۾ موجودگي ملي ٿي ۽ سندن موبائل نمبرن تي هڪ ٻئي سان ڪال ڪنورزيشن پڻ ملي ٿي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته فوتي نصرالله گڏاڻي صحافي هو جيڪو سوشل ميڊيا ذريعي سياسي ماڻهن ۽ سرڪاري آفسرن تي تنقيد ڪندو هو اهڙيون سوشل ميڊيا تي سندس ڪافي وڊيوز وائرل ٿيل آهن هن ڪيس ۾ فريادڻ ايف آ آر ۾ ٻن نامعلوم جوابدارن جو ذڪر ڄاڻايو آهي جنهن بعد دوران جاچ وڌيڪ پڇا جي بيانن ۾ ٻن جوابدارن هر هڪ نالي اصغر.برڪت وارن جي سڃاڻپ ڪرڻ بعد سهولت ڪاري ۾ جوابدار عبدالله جو نالو ڏيکاريو آهي ۽ بعد ۾ 164 جي بيان ۾ منصوبا بندي جوڙڻ ۾ خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن جا نالا ظاهر ڪيا آهن فريادي ۽ شاهدن جي اڳ ،وڌيڪ پڇا جي بيانن ۽ 164 تحت قلم بند ڪرايل بيانن ۾ تضاد نظر اچي ٿو خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي خلاف هن ڏوهه ۾ منصوبابندي ڪرڻ جي ڪا به ثابتي نٿي ملي تنهنڪري ٽنهي کي قلم 169 تحت جاچ مان فارغ ڪيو ويو آهي قلم 120 بي کي ڪيس جي ايف آءِ آر مان خارج ڪجي ٿو جوابدارن اصغر،برڪت،عبدالله وارن پاڻ ۾ هم صلاح ٿي ڏوهه ڪيو جوابدارن جي فون نمبرن جي لوڪيشن ڏوهه واري تاريخ تي واردات جي سيل آئي ڊي ۾ موجود هجن ٿيون جن جي خلاف هن ڏوهه ۾ ثابتي گذري ٿي جوابدار اصغر لنڊ جيل ڪسٽڊي ريمانڊ هيٺ آهي جوابدار عبدالله لنڊ عدالت سڳوري جي انٽيريم بيل تي آهي ۽ جوابدار برڪت لنڊ روپوش آهي جيڪو هٿ نه ٿي سگهيو آهي تنهنڪري ٽن جوابدارن خلاف 7 اي ٽي اي 302،337ايڇ 11،109،506 پيش ڪجي ٿو

ميرپورماٿيلو:شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاء يعقوب گڏاڻي عدالت ٻاهريان ڳالهائيندي چيو ته پ پ حڪومت ڌر آهي،ايس پي تنوير تنيو پ پ جو ونگارو آهي هن جي جاچ تي اعتماد ناهي مٿين ڪورٽ م چالان چئلينج ڪيو ويندو هن چيو ته پهرين جاچ مڪمل هئي ٻيهر جاچ جي ڪهڙي ضرورت آهي، سيشن جج اڳ م چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو هن چيو ته 2 هفتا اڳ جوابدار ڌر مونکي نياپو ڪرايو ته خالد خان ۽ پٽن جا نالا نڪري رهيا آهن توهان ڇا ڪندا هنن ٺاھ ڪرڻ لاء داٻا ڏنا اسان هن ڪيس ۾ مٿين عدالتن ۾ ويندا سين عدالتن مان انصاف جي اميد آهي

ميرپورماٿيلو :شهيد نصرالله گڏاڻي مٿان 21 مئي تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو،صحافي 24 مئي تي صبح جو ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ،ڪيس پهرين نامعلوم ماڻهن مٿان داخل ٿيو بعد ۾ گهوٽڪي پوليس جي ان وقت جي ايس ايس پي سمير نور چنا هڪ جوابدار اصغر لنڊ کي گرفتار ڪندي پريس ڪانفرنس ڪئي ته صحافي جي ڪيس ۾ ٻه ڀائر اصغر ۽ برڪت لنڊ ملوث آهن جڏهن ته عبدالله لنڊ سهولتڪار آهي ايس ايس پي سمير نور چنا جاچ داد لغاري جي ايس ايڇ او ذوالفقار مهر حوالي ڪئي جنهن تي وارثن طرفان بي اعتمادي جوا اظهار ڪيو ويو ان دوران شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس ۾ شاهدن صلاح الدين ۾ يعقوب گڏاڻي طرفان ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ پنهنجا 164 جا بيان رڪارڊ ڪرايا ويا بيانن ۾ پ پ ايم اي خالد لنڊ ۾ سندس 2 پٽن شهباز لنڊ ۾ نور محمد لنڊ کي هن ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايو ويو شاھدن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اصغر ۾ برڪت لنڊ خالد لنڊ ۾ سندس پٽن جي چوڻ تي نصرالله کي قتل ڪيو آهي آئي جي سنڌ پوليس وارثن جي بي اعتمادي کان پوء قتل ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي سراج لاشاري حوالي ڪئي جنهن پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ اصغر، برڪت ۽ عبدالله لنڊ کي ملوث قرار ڏنو هو جڏهن خالد کي آجو قرار ڏنو هو جڏهن ته سندن پٽن شهباز ۽ نورمحمد لنڊ جي حوالي سان ڄاڻايو هو ته هنن کي چالان ڪرڻ جيتريون ثابتيون موجود آهن جاچ آفيسر دهشتگردي جا قلم پڻ ختم ڪيا هئا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هن ڪيس ۾ جاچ آفيسر طرفان خالد کي ڪيس ۾ ٻيهر شامل ڪري اي ٽي سي وارا قلم پڻ بحال ڪندي خالد لنڊ سندس ٻن پٽن جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top