• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

بابر-اعظم-جي-استعيفيٰ-کانپوءِ-ڪپتاني-لاءِ-مضبوط-ترين-اميدوار-جو-نالو-سامهون-اچي-ويو

بابر اعظم جي استعيفيٰ کانپوءِ ڪپتاني لاءِ مضبوط ترين اميدوار جو نالو سامهون اچي ويو

لاهور: (اربع: 02 آڪٽوبر 2024ع) پاڪستان وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم هڪ ڀيرو وري ٽيم جي قيادت تان هٿ کڻي ورتو، جنهن کانپوءِ ٽيم جي ڪپتاني لاءِ مضبوط اميدوار جو نالو گردش ڪرڻ لڳو آهي.

بابر اعظم اڱاري جي رات پاڪستان جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت تان استعيفيٰ ڏني جيڪا پي سي بي طرفان منظور ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب، بابر جي ڪپتاني ڇڏڻ کانپوءِ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان نئين ڪپتان لاءِ مضبوط ترين اميدوار آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم جي سليڪشن لاءِ محمد رضوان سان صلاح مشورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته بابر اعظم کي سال 2019 جي ورلڊ ڪپ کانپوءِ وائيٽ بال فارميٽس جي ڪپتاني جڏهن ته سال 2020 ۾ ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني به سونپي وئي هئي.

بابر اعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم ٻئي آءِ سي سي رينڪنگ ۾ سرِ فهرست رهي.

گذريل سال ڀارت ۾ ٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ بابر اعظم ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ شان مسعود کي ٽيسٽ جڏهن ته شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو هو.

2024 جي شروعات ۾ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي تبديليءَ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني شاهين آفريدي کان کسي وئي ۽ بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو، پر آئرلينڊ هٿان شڪست، انگلينڊ خلاف سيريز هارائڻ ۽ وري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي پهرئين ئي مرحلي ۾ آمريڪا ۽ ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top