چوٽياريون: هٿياربندن جو ڳوٺ جاني جوڻيجو تي حملو، 3 ڄڻا مارجي ويا، عورتن سميت 15 زخمي
چوٽياريون جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ هٿياربندن جو حملو، جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ عورتن سميت 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. حملي دوران ڳوٺ ۾ خوف ۽ دهشت ڇانيل رهي، جڏهن ته فائرنگ جو سلسلو ڪافي وقت تائين جاري رهيو.
مارجي ويلن ۾ مشتاق حسين، علي بخش، ۽ عبدالرسول شامل آهن. زخمين ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کان علاوه مرد به شامل آهن، جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.
مقتولن جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن طرفان پ پ اڳواڻ نويد ڏيرو سان گڏ گڏ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو ۽ سندس سئوٽ تي حملو ڪرائڻ جا الزام لڳايا ويا آهن. متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته محمد خان کي ووٽ نه ڏيڻ سبب سياسي بنيادن تي هي حملو ڪرايو ويو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هٿياربندن ڳوٺ ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ان دوران اڻڄاتل ماڻهن تي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب انساني جانين جو نقصان ٿيو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ شروعاتي جاچ شروع ڪئي آهي، جڏهن ته صورتحال کي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي نفري پڻ طلب ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي، الزام هيٺ آيل ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو ۽ سندس سئوٽ طرفان الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته واقعي سان سندن ڪو به تعلق نه آهي. پوليس پاران متاثر ڌرين جا بيان قلمبند ڪيا پيا وڃن ۽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ قانوني ڪارروائي جاري آهي.
علائقي واسين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.