ميرپور ماٿيلو (رپورٽ عمر ڪورائي)
اوٻاوڙو ڪچي واري علائقي ۾ رينجرس ۽ پوليس جو گڏيل ڏوهارين خلاف آپريشن آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي هدايتن تي رونتي ڪچي واري علائقي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو جي اڳواڻي ۾ ميگا آپريشن ڪيو پيو وڃي ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو جي موجب 6 اي پي سي چين ۽بڪتربند گاڏيون رينجرس 15 ۽ پوليس 25 موبائل گاڏين جي مدد سان ڏوهارين خلاف آپريشن جاري ڪيو ويو آهي ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو ھي آپريشن وڏي پيماني تي ڪيو پيو وڃي
