• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

اوٻاوڙو واسي هڪ ٻيو مغوي گهر پهچي ويو، پوليس طرفان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا

گھوٽڪي پوليس جي هڪ ٻي ڪاميابي، پوليس مقابلي کان پوءِ 24 ڊسمبر تي ڳوٺ لانگهوسان اغوا ٿيل ٽن مغوين مان هڪ ٻئي مغوي کي به محفوظ طور آزاد ڪرايو ويو، جڏهن ته هڪ مغوي کي پوليس گذريل رات آزاد ڪرايو هو.
جيئن ته 24 ڊسمبر 2024 جي رات اوٻاوڙو ٿاڻي جي حدن ۾ ڳوٺ لانگهو ڄام ڀمڀو جي پمپ تان ٽي ماڻهو ارباب علي ملڪ، مبين چاچڙ ۽ شهبان ڌوندو کي نامعلوم اغواڪار اغوا ڪري ويا هئا.
ايس ايس پي گھوٽڪي ڊاڪٽر سميع الله سومرو ڊي ايس پي اباوڙو عبدالقادر سومرو جي سربراهي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ هڪ ٽيم جوڙي هئي.ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو جي سربراهي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ رنٽي ڪچي ۾ شر گينگ ۽ ٻين اغواڪارن خلاف آپريشن جاري رکيو ويو هو.اڄ ڊي ايس پي اباوڙو عبدالقادر سومرو پنهنجي ٽيم سان گڏ رنٽي ڪچي ۾ معمول جي گشت تي هئا ته انهن کي پنهنجي خفيه ذريعن کان اطلاع ملي ته اغواڪار هڪ مغوي کي ٻي جڳهه منتقل ڪرڻ جا ارادا رکن ٿا.ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو پنهنجي ٽيم، ايس ايڇ او ٿاڻو دين محمد لغاري صفعي الله انصاري، ايس ايڇ او اباوڙو محمد رمضان ملاح ۽ انچارج اسپيشل ٽيم زوار حسين بوھڙ سان گڏ ڀاري نفري سان نشاندهي ڪيل جاءِ تي پهتا ته پوليس ۽ اغواڪارن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو.فائرنگ جي دوران، جڏهن اغواڪارن ڏٺو ته انهن جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي ۽ گرفتاري جو خطرو وڌي رهيو آهي، ته اهي مغوي کي ڇڏي، اونداهي جو فائدو وٺندي ڪچي ڏانهن ڀڄي ويا.
فائرنگ جي مٽا سٽا کانپوءِ پوليس هڪ مغوي کي محفوظ طور آزاد ڪرايو.پوليس پاران مغوي کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي، هن پنهنجو نالو ارباب علي ولد محمد عيدن ملڪ رهواسي لانگهو ٻڌايو.ڊي ايس پي اوٻاوڙو مغوي ارباب علي ولد محمد عيدن ملڪ کي محفوظ طور پنهنجي آفيس تي وٺي آيو، ۽ قانوني ڪارروائي کان پوءِ ان کي وارثن جي حوالي ڪيو ويندو.اغواڪار اونداهي سبب ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.بازيابي کان پوءِ مغوي ايس ايس پي گھوٽڪي ڊاڪٽر سميع الله سومرو ۽ سندس ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته گھوٽڪي پوليس جي ڪوششن سبب مان اغواڪارن جي چنبي مان آزاد ٿيو آهيان.ياد رهي ته گذريل رات مغوي شهبان پنھور کي ڊي ايس پي اباوڙو جي سربراهي ۾ رائونتي ڪچي ۾ پوليس مقابلي کان پوءِ آزاد ڪرايو ويو هو

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top