• اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان 5 دينهن اڳ اغوس ٿيل مغوي بازياب

  • ميرپورماٿيلو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي

  • ميرپورماٿيلو ۾ سي آئي اي پوليس جي ڪاروائي

  • ميرپور ماٿيلو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نارين کي ميرپورماٿيلو پوليس پنجاب جي شهر سرگوڌا مان بازياب ڪرائي ورتو آهي

خبرچار – سچ جو آواز، حق جي تلاش

اوٻاوڙو: مبينہ پوليس مقابلو، ھڪ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعوي

اٻاوڙو( خبرچار نيوز ) گھوٽڪي پولیس هڪ مغوي کي باحفاظت بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي اهي پوليس ترجمان موجب گھوٽڪي پوليس ڪامياب آپريشن ۾ 24 ڊسمبر 2024ع تي ڳوٺ لانگھو مان اغوا ٿيل ٽن مغوين مان هڪ مغوي شهبان ڌوندو کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو آهي.24 ڊسمبر جي رات ڳوٺ لانگھو جي علائقي مان نامعلوم اغواڪارن ٽن ماڻهن ارباب علي ملڪ، مبين چاچڙ ۽ شهبان ڌوندو کي اغوا ڪيو هو.ايس ايس پي گھوٽڪي ڊاڪٽر سميع الله سومرو جي خاص حڪم تي ڊي ايس پي اباوڙ عبدالقادر سومرو ۽ سندس ٽيم مسلسل ڪچي ۾ اغوا ڪارن خلاف آپريشن جاري رکيو.ڊي ايس پي اباوڙ کي اطلاع ملي ته اغواڪار هڪ مغوي کي ٻي جڳهه منتقل ڪرڻ چاهين ٿا. ڊي ايس پي عبدالقادر سومرو جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم ڪچي واري علائقي ۾ پهتي. پوليس ۽ اغواڪارن ۾ فائرنگ ٿي، جنهن دوران اغواڪار هڪ مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا.پوليس طرفان بازياب ٿيل مغوي شهبان ولد بادل ڌوندو پنهنجي بيان ۾ پوليس ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي ڊاڪٽر سميع الله سومرو جي ٽيم جا ٿورا مڃيا.ڊاڪٽر سميع الله سومرو چيو ته باقي مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس هر ممڪن قدم کڻندي.مغوي کي قانوني ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويندو.

وڌيڪ رابطي لاءِ

Google Ads here

Scroll to Top